شرم الشيخ- 17 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ گرين ان??يسٽمينٽ اولين ترجيح آهي، حڪومت فاسل فيول جي استعمال بدران شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جو آغاز ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا ۽ اسرندڙ ملڪن بابت فرينڊز آف گريننگ نيشنل ان??يسٽمينٽ پلان جي حوالي سان پينل مباحثي ۾ شرڪت دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 20 پٺتي پيل ضل??ن کي پائيدار ترقي سان اڳتي آڻڻ جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هر منصوبي جي منظو??ي لاءِ لازمي آهي ته هو ماحولياتي معيار تي پورو لهي ٿو. پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو آهي، پاڪستان هن وقت ان??ن ست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلي جو بدترين شڪار آهن، موسمياتي تبديلي پاڪستان ۾ رڪارڊ ??رم??، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جو سبب بڻي. موسمياتي تبديلي جا اثر افسانو نه پر هڪ حقيقت آهن، موسمياتي تباهي جو پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهن تي سڌو سنئون اثر پيو. وفاقي وزير چيو ته عالمي مالياتي نظام موسمياتي تبديلي جي ايجنڊا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي سان هم آهنگ ان??را اسٽرڪچر لاءِ فنڊ قائم ڪيو وڃي، اسريل ملڪن کي پنهنجي ذميداري پوري ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ تباهي ان??ن کي به پنهنجي لپيٽ ?? آڻيندي. اسان کي پنهنجي نسلن لاءِ موسمياتي ماحول کي بچائڻو آهي، موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسرندڙ ملڪ پنهنجي تجربن جي مٽاسٽا ڪن، هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، ملڪن کي شديد نقصان پهتو، ان??را اسٽرڪچر ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي، 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ۽ سوين قيمتي جانيون ضايع ٿيون، متاثرن جي آبادڪا??ي لاءِ منصوبابندي ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي، قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لائحه عمل جو دائرو ضل??ن تائين وڌايو ويو آهي.