سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ??ار?? ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد دنيا کي اهو واضح پيغام ڏ??ڻ آهي ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي ۽ ڪشميرين جي امنگن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ??ار?? ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڏني آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جا??حيت ۽ نريندر مودي جي شيطاني ڀارتي حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والا??يل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي مذمت لاءِ اڄ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس سرينگر ۾ هڪ بيان ۾ ڪشميرين کي چيو ته اهي اڄ دنيا کي اهو باور ڪرائين ته ڪشمير کي ڀارت جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ تائين اهي سک سان نه ويهندا. بيان ۾ چيو ويو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ار??خ هڪ ??ار?? ڏينهن آهي.