رياض – 26 – آڪٽ??بر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزي??اع??م محمد بن سلمان وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي درخواست تي مسجد نبوي ﷺ ۾ هنگامي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م شهباز شريف سعودي ولي عهد کي اپريل 2022ع جي واقعي تي درگذر کان ڪم وٺڻ ۽ گرفتار پاڪستانين جي آزادي جي درخواست ڪئي هئي. مدينه منوره جي عدالت ٽن پاڪستانين کي 8 ??ال ۽ ٽن کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. خواجه لقمان، محمد افضل، غلام محمد کي 8 ??ال ۽ نس، ارشد ۽ محمد سليم کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. هڪ ٻئي پاڪستاني طاهر ملڪ کي به ٽي سال ق??د ۽ 10 هزار ريال ڏنڊ هنيو ويو هو. وزي??اع??م جي درخواست تي سعودي ولي عهد ۽ وزي??اع??م محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ قيد پاڪستانين جي آزادي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي مسجد نبوي ﷺ ۾ هنگامو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد سان ٿورا مڃيندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي ان جو اجر عطا فرمائي.