نيويارڪ – 24 – سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اع??يٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت کانپوءِ آمريڪا کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اع??يٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 20 کان 26 سي??ٽمبر تائين جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. ان کانسواءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن سميت سڄي دنيا جي مملڪتي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ??يون. هن جنرل اسيمبلي جي صدر سي سابا ڪوروسي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، آءِ ايف آئيز، عالمي ادارن ۽ عطيو ڪندڙ تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي ۽ احد چيما پڻ ??ڏ هئا.