اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي ج?? 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وز??را??ظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي کي اهم خطاب ڪندو، وز??را??ظم ماحولياتي تبديلي ج?? ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش چئلينج کي عالمي فورم تي اجاگر ??ري ماحولياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ خطري کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تجويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي عالمي اڳواڻن کي ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي ج?? اجلاس جي موقعي تي وز??را??ظم آفريقي يونين، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عالمي سربراهه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عالمي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو. اهي ٻئي اجلاس عالمي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. وز??را??ظم پنهنجي دوري ۾ مخت??ف ملڪن جي وز??را??ظمن، جنرل اسيمبلي ج?? صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل کانسواءِ عالمي تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن ۽ فلاحي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آجياڻي دوران عالمي اڳواڻن کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ وز??را??ظم سان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي ج?? سالياني اجلاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.