اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ٻوڏ جي تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته آئُون تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستاني عوام سان گهري ??مدرد?? جي اظهار لاءِ پاڪستان آيو آهيان. اسلام آباد اچڻ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل چيو ته آئُون ٻوڏ متاثرين سان يڪجهت?? جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو آهيان، پنهنجي دوري دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ۽ متاثرين سان ملاقات ڪندس. گڏيل قومن جو سي??ريٽري جنرل انتونيو گوتيرس دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سي??ريٽري جو ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان پهچڻ تي اسلام آباد ايئرپورٽ تي پرڏيهي معاملن واري ??ملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي وزارت جي عملدارن استقبال ڪيو. ان کان اڳ گڏيل قومن جي سي??ريٽري جنرل پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيت ۾ موسمياتي تبديلي ??ي ڪري ??اڪستان ۾ برساتن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي برادري کي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.