گابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري دو??ان جمعي ڏينهن غذر ضلعي ?? ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ خصوصي صلاحيتون رکندڙ هڪ اهڙي ٻارڙيءَ سان ملاقات ڪئي، جنهن تازي ٻوڏ دو??ان پنهنجي ماءُ، 6 ڀينرن ۽ ڏاڏيءَ کي وڃائي ڇڏيو. وزيراعظم ٻارڙيءَ جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ۽ ٻارڙي جي والد کي ڳلي لڳائي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ٻارڙيءَ سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته توهان جي ڏک کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه آهي، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پوري قوم توهان سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم غذر ۾ ٻوڏ متاثرين سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ بار بار ٻارڙي جي ڏک ۽ ڪرڀ جو ??ڪر ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارڙي جي تعليم ۽ علاج جي ??اء?? 50 لک رپين جي رقم جو اعلان ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته ٻارڙيءَ جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارڙي جي علاج ??اء?? هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن.