دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير جي وا??د شيخ حمد بن خليفا الثاني ۽ وا??ده موزه بنت نصر سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ڪردار کي س??راهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجو ۽ پنهنجي وفد جو گرمجوشي س??ن استقبال ڪرڻ تي قطر جي امير جي وا??د جا ٿورا مڃيا، ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل اعتماد ۽ حمايت جي مضبوط بنياد تي قائم قطر سان پراڻن ۽ ويجهن لاڳاپن کي پاڪستان پاران ڏيندڙ اهميت جو ذڪر ڪيو. 1999ع ۽ 2017ع ۾ قطر جي امير جي وا??د جي پاڪستان جي دورن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪردار کي س??راهيو ۽ ان جي دور ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ استح??ام جو اعتراف ڪيو. قطر جي امير جي وا??ده شيخه موزه بنت نصر جي س??پرستي ۾ ”تعليم سڀ کان وڌيڪ“ پروگرام جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انساني همدرديءَ ۽ خيراتي ??رگرمين جي لاءِ ان جي ڪوششن ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خاص طور تي ??سڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا لاءِ خدمتن کي س??راهيو. وزيراعظم قطر ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ قطر ۾ رهندڙ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني تي قطر جي امير جي وا??د جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم قطر جي ويزن 2030ع جي حوالي س??ن قطر سان وڌيڪ تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ميزباني تي قطر جي لاءِ خيرسگالي جذبن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.