اسلام ??باد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلم ۽ ڊرامو پاڪستان جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، فلمون جي ڪهاڻي، معيار ۽ ٽيڪنالاجي بهتر بڻائڻ اسان جي قومي فلم پاليسي جو حصو آهي، معياري فلمن جي هن وقت تمام گهڻي ضرورت آهي، فلم ??نڊ??ٽري کي ٽيڪنالاجي ۽ جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪنداسين، حڪومت سئنيما گهرن جي بحالي، نئين سئنيما گهرن جي تعمير ۽ فنڪارن کي مراعتون ڏيڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ان ڏس ۾ فلمسازن کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ سميت فلم ??نڊ??ٽري جي جي لاءِ اوزارن جي درآمد ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسو??يئ??شن جي چيئرمين شيخ امجد جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم ??نڊ??ٽري تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس جي خاتمي لاءِ ايف بي آر سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي، جلد ئي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. هن چيو ته نئين سئنيما گهرن ۽ پروڊڪشن هائوسز کي ٽيڪس ۾ رعايت ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهه ٻولهه جو عمل جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم ??نڊ??ٽري جي سمورين ڌرين سان ٽيڪس ڇوٽ سميت ٻين معاملن تي تمام ??لد مشاورت ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪومت ذميواري سنڀاليندي ئي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي کي بحال ڪيو، اسان فلم کي صنعت جو درجو ڏنو. هن چيو ته پاڪستاني ۽ چيني فلمسازن جي گڏيل پروڊڪشن شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون. هن وفد کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ فلمسازن جي گڏيل پروڊڪشن شروع ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون. هن وفد کي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ فلمسازي ۾ت عاون ۽ گڏيو پروڊڪشن جي حوالي سان چيني سفير سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان پڻ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي فلم پروڊيوسرز ايسو??يئ??شن جي چيئرمين شيخ امجد چيو ته سئنيما ??نڊ??ٽري جي بحالي لاءِ حڪومتي قدمن سان فلم ??نڊ??ٽير کي سگهه ملندي. هن چيو ته پاڪستان فلم ??نڊ??ٽري کي ان جي اصل سڃاڻپ ڏيارڻ جي لاءِ حڪمت سان گڏجي ڪم ڪنداسين. وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کي فلم ??نڊ??ٽري کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفاقي وزير وفد جي مطالبن، مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن قدمن جي خاطري ڪرائي. فلم پروڊيوسرز ايسو??يئ??شن جي وفد فلم ??نڊ??ٽري جي بحالي لاءِ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي قدمن کي ساراهيو.