پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ??يو آهي ته اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، ??ال??ريل ڪشمير ۾ صدين کان جاري ڀارتي ظلمن جي ڪري ڪشميري عوام تي هر لمحو ڀاري آهي پر 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت ??ال??ريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري نه رڳو ??ال??ريل ڪشمير جو بي رحماڻو استحصال ڪيو پر مظ??وم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي عوام 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي دنيا کي باور ڪرائي رهي آهي ته پا??ست??ني قوم سدائين وانگر مظ??وم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. مشتاق احمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن عالمي برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت جو ??ال??ريل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ، بدترين ڪرفيو ۽ ڀارتي فوج جو گهيراءُ ڀارت جي مڪروهه ارادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو خطي جي امن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ڀارت ??ال??ريل ڪشمير بابت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميري عوام تي هر گذرندڙ ڏينهن سان ظلمن ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي جيڪو عالمي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪر جو لمحو به آهي.