ڪراچي – 03 – آگسٽ (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير ڪم??ٽي اوورسيز جي وائيس چيئرمين، پاڪستان جرنلسٽس فورم سعودي عرب جي صدر ۽ سماجي اڳواڻ معروف حسين چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين کي معاشي سرگرمين ۽ سماجي ۽ سياسي زندگي کان محروم ڪرڻ جي ڪڌي ڪوششن کان پوري طرح آگاهه آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان سعودي عرب ?? به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. سعودي عرب جي شهر جده مان ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي اي پي پي سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ هن ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ مضبوط حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان هتي رياض سفارتخاني ۽ جده قونصليٽ ?? به مختلف تقريبن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏاڍ جي خلاف موثر آواز اٿاريو وڃ??. ه?? چيو ته اسان جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انسانيت جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ رکيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته اسان جو ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ڪشميرين کي ظلمن کان فوري ۽ مڪمل آزادي ڏيارڻ آهي ۽ بزدل ڀارتي فوج هٿان ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ آهي. معروف حسين ان اميد جو به اظهار ڪيو ته اسان جا ڪشميري ڀينر ۽ ڀائر پنهنجي جدوجهد جاري رکندا ۽ آخري وقت تائين وڙهندا ۽ ثابت قدم رهندا. جيستائين ڪشمير پاڪستان نه ٿو بڻجي وڃي.