اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ ??لي??شن ڪميشن جي فيصلي کي عمران خان جي ڏوهن جي تصديق قرار ڏيندي چيو آهي ته چور، ڪو??و ۽ مني لانڊر آخرڪار 8 سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو، عمران خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي، هو صادق ۽ امين نه آهي، پارٽي چيئرمين جي عهدي تان فوري طور تي استعيفيٰ ڏي، عمران خان پاڪستان جي خلاف غيرملڪي سازشي منصوبو هو ۽ آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڪو??و ۽ جعلساز آهي، ان تي ??لي??شن ڪميشن مهر لڳائي ڇڏي آهي، عمران خان اسرائيل، ڀارت، آمريڪا، ڪئناڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن کان ممنوعه فنڊنگ ورتي. هن چيو ته عمران خان غيرقانوني فنڊنگ سان پاڪستان ۾ فتنو برپا ڪيو. عمران خان ڄاڻي واڻي 351 غيرملڪي ڪمپنين ۽ 34 غيرملڪين کان فنڊنگ ورتي ۽ جعلي ۽ ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرايو. هن چيو ته 13 غيرقانوني بئنڪ اڪائونٽس عمران خان پاڻ هلائيندو رهيو ۽ انهن کي ??لي??شن ڪميشن کان لڪائيندو رهيو. عالمي فراڊين خيرات جي نالي تي پئسا گڏ ڪيا ۽ جعلسازي ڪئي. عمران خان ڄاڻي واڻي پنهنجي 4 ملازمن طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رف??ق جي نالي تي پئسا گهرايا. هن چيو ته چور ۽ مني لانڊر وڪيل بدلايا، ??لي??شن ڪميشن کان ڀڳو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪيس روڪڻ جي لاءِ پٽيشنز داخل ڪيون. هن چيو ته عمران خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت قانون موجب ??لي??شن ڪميشن جي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي. هن چيو ته عمران خان ان چوري جي ڪري ??لي??شن ڪميشن تي حملا ڪري رهيو آهي.