اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف رش وارين جاين تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عم??درآمد جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مڪمل ويڪسينيشن، بوسٽر ڊوز، ماسڪ، سينيٽائيزر جو استعمال ۽ سماجي فاصلي جو خيال رکيو وڃي، عيدالاضحيٰ تي مويشي منڊين، شادين ۽ نجي محفلن ۾ ماسڪ ۽ سينيٽائيزر جو استعمال يقيني بڻايو وڃي، ڪوويڊ 19 کان پنهنجي پيارن کي بچائڻ جي لاءِ اسان سڀني کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، چيف سيڪريٽريز صوبن ۾ ايس او پيز تي عم??درآمد ڪرائين. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي صورتحال بابت جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، راڻا ثناءُ الله، شيري رحمان، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين، سيڪريٽري اطلاعات، سيڪريٽري نيشنل هيلٿ سروسز ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اج??اس ۾ چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اج??اس کي پاڪستان سميت عالمي سطح تي هن وقت ڪوويڊ 19 جي موجوده صورتحال تي تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ ڪوويڊ جي ڪيسن جي انگ ۾ مجموعي طور تي گه??تائي جو رجحان آهي، گذريل اوميڪرون جي لهر کانپوءِ اوميڪرون جو نئون ويرينٽ تازو ئي پاڪستان ۾ ڪوويڊ 19 ڪيسز ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، جنهن جي ڪري 28 جون تي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي شرح 3 سيڪڙو کان وڌي وئي، نئين ويرينٽ ۾ اسپتالن ۾ داخلا جي شرح ڪوويڊ 19 جي پهرين سڀني لهرن کان گه?? رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اج??اس کي ملڪ ۾ ويڪسينيشن جي موجوده صورتحال تي به آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ هن وقت 12 سالن کان وڌيڪ 86 سيڪڙو آبادي مڪمل طور تي ويڪسينيٽيڊ آهي، جڏهن ته 93 سيڪڙو کي گه?? کان گه?? هڪ ڊوز لڳي چڪو آهي، پاڪستان ۾ هن وقت ويڪسينيشن لڳائڻ جي سگهه 2 لک روزانو کان وڌيڪ آهي. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هن وقت تائين سڄي آبادي کي مڪمل طور تي ويڪسينيٽيڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ به ويڪسينيشن جو عم?? تيزي سان پڄاڻي طرف گامزن آهي. اج??اس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بارڊر تي ٻاهرئين ملڪ اچ وڃ جي به ڪڙي نگراني جي لاءِ قدم ۽ فاسٽ ٽريڪ ايپ کي صارفين جي لاءِ آسان ۽ بهتر بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عم??دارن کي نه رڳو ڪوويڊ 19 ايس او پيز تي عم??درآمد يقيني بڻائڻ پر ان حوالي سان عوامي آگاهي به وڌائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته سڀني ادارن خاص طور تي اين سي او سي کي ڪوويڊ 19 جي دوران خدمتون سارهه جوڳيون آهن. فرنٽ لائين هيلٿ ورڪرز، ڊاڪٽرز، رضاڪارن جي ڪوويڊ 19 دوران خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪوويڊ 19 کان بچاءُ جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ دوران شهيد ٿيندڙ هيلٿ ورڪرز قوم جي تحفظ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن.