اسلام آباد – 19 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??وم تڪبير ” نه جهڪيا هئاسين، نه جهڪنداسين“ جو عنوان جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جوهري ڌماڪن جا 24 سال مڪمل ٿيڻ تي 10 ڏينهن جون تقريبون ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻڌ??يو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته قيام پاڪستان جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ ??وم تڪبير قومي جذبي سان مله??يو وڃي. وزيراعظم وفاق، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سان گڏجي تقريبن جي انعقاد جي هدايت ڪئي آهي، ??وم تڪبير تي قومي تقريبون ملهائڻ جو آغاز 19 مئي کان ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته 28 مئي 1998ع قومي افتخار ۽ پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن جي خاطر ڪڏهن نه جهڪڻ جي عظيم تاريخ جو ڏينهن آهي، هن چيو ته محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻ??يو هو، هاڻي معاشي قوت بڻائينداسين، هي اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن قومي قيادت ٻاهرين طاقتن جي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي باوجود دفاع وطن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قوم جو سر فخر مان بلند ڪيو. هن چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي ??وم تڪبير جون تقريبون منعقد ڪيون وينديون، تعليمي ادارن، شاگردن ۽ نوجوانن کي خاص طور تي انهن تقريبن جو حصو بڻ??يو ويندو، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم سمورين سياسي پارٽين، وڪيلن، ڊاڪٽر ميڊيا، پورهيتن، سول سوسائيٽي تنظيمن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان قومي ڏينهن کي قومي جذبي سان ملهائي، اهو ڏينهن قوم جي بي مثال اتحاد، يڪجهتي ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن کي ان??ي انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت آهي، هن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته ??وم تڪبير لاءِ خصوصي نشريات، پروگرامز ۽ تحريرن جي اهتمام سان ان قومي ڏينهن جي تقريبن ۾ پنهنجو حصو وجهي.