اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي 14 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پ??ش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ ??وجب ان موقعي تي صدر شهيدن جي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر حوالدار طارق يوسف، سپاهي اعجاز حسين، سليمان وقاص جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپاهي وقار احمد، محمد جواد ۽ ارشد عل?? جي پونئيرن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر عارف عل??ي 12 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيدن جي وارثن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ميجر شجاعت ح??ين ۽ سپاهي عمران خان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي.