اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچس??ان نيشنل پارٽي جي چيئرمين سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سردار اختر مينگل وزيراعظم جي بلوچس??ان جي ترقي کي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بلوچس??ان نه رڳو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي پر بلوچ افرادي قوت ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. هن چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي بلوچس??ان جي ترقي لاءِ قدم کڻي بلوچ نوجوانن جي قومي ڌارا ۾ شموليت کي يقيني بڻائيندي.