اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ٻين ملڪن سان اختلاف پيدا ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، تنهن هوندي به هو ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ??ومي خودمختياري ۽ مل?? جي سالميت تي ڪو به ٺاهه نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزار?? جي آفيسرن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ??ئين پاڪستان ۾ پرڏيهي پال??سي جو ويزن قومي مفادن کي مٿانهون رکڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??ي ٽي آءِ حڪومت عالمي سطح تي بلاڪ سياس?? جي حمايت نٿي ڪري. پرڏيهي وزير واضح ڪيو ته ??ضبوط پرڏيهي پال??سي تي عم?? ڪرڻ لاءِ معاشي استحڪام حاص?? ڪرڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي پرڏيهي پال??سي جي محاذ تي حڪومت پاران ڪيل ڪيترن ئي قدمن جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ اقتصادي سفارتڪاري، انگيج آفريقه پاليسي، سينٽرل ايشيا ويزن پال??سي ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ڊويزن جو قيام شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ??اهرين ملڪ پاڪستاني سفارتڪارن جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو پيو وڃي ۽ پرڏيهي پاڪستانين پاران موڪليل وڏو مٽاسٽا جو ناڻو ان حقيقت جو عڪاس آهي. هن مارچ ۾ اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزار?? جي عملدارن جي واکاڻ ڪئي.