اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ قائم ??رڻ جو مقصد افغان عوام جي لاءِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ جي لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، انساني بحران جي تناظر ۾ افغان عوام کي اسان جي فوري توجهه جي ضرورت آهي، پرڏيهي وزارت ۾ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين ٽرسٽ فنڊ لاءِ چارٽر تي صحيح جي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي اهتمام ه??ٺ هيومينيٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ??رڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بئنڪ کي درخواست ڪئي وئي هئي ته هو 2022ع جي پهرين ٽه ماهي تائين فنڊ کي فعال ڪري ڇڏي، هن چيو ته بئنڪ پنهنجي مينڊيٽ کي موثر طريقي سان مقرري مدي ۾ اندر پورو ڪيو آهي، ٽرسٽ فنڊ جو چارٽر ڪافي لچڪدار آهي، جنهن سان او آءِ سي سسٽم جي ٻاهران عطئي جي اجازت ملندي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اهو هڪ واکاڻ جوڳو عمل آهي اهڙي طرح عالمي عطيو ڏيندڙن جي دائري کي وڌائڻ ۾ مدد ڪندي. هن جو چوڻ هو ته ٽرسٽ فنڊ جو مقصد افغانستان کي انساني امداد پهچائڻ لاءِ هڪ ميڪينزم جي طور تي ڪم ??رڻ آهي، ان سلسلي ۾ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جو ڪردار اهم ه??ندو.اميد آهي ته او آءِ سي جا ميمبر ملڪ، اسلامي مالياتي ادارا، ??طيا ڏيندڙ ۽ ٻيا عالمي حصيدار ان ٽرسٽ فنڊ ۾ پنهنجي عطين جي ذريعي شموليت ڪندا. پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي طور تي آئون شرڪت ڪندڙن کي فنڊ ۾ حصو وجهڻ جي درخواست ڪندس. پرڏيهي وزير چيو ته اهو خصوصي ٽرسٽ فنڊ افغان عوام جي لاءِ عالمي انساني امداد جي ماپي کي وڌائڻ لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوشش آهي، اسان سڀني کي انهن قدمن کي ڪاميابي سان همڪنار ??رڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ??رڻ گهرجي.