اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته جهلم ۾ بلدياتي چونڊون پهرين مرحلي ۾ ٿينديون، جهلم جي عوام بلدياتي چونڊن جي تياري ڪري وٺي، وزيراعظم عمران خان جهلم جي عوام کي للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ۽ ڪينال جو تحفظ ڏنو، اسلام آباد کان کاريان موٽروي جو ٽينڊر جاري ٿي چڪو آهي، تمام ??لد ان تي ڪم شروع ٿي ويندو، وزيراعظم عمران خان جو اهو جهلم جي عوام لاءِ ٽيون وڏو تحفو آهي، تحريڪ انصاف جهلم مان بلدياتي چونڊن ۾ ڪلين سويپ ڪري وزيراعظم جي انهن تحفن جو حق ادا ڪندي. اها ڳالهه هن جهلم پريس ڪلب جي عهديدارن سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسلام آباد – کاريان موٽروي پراجيڪٽ سان جهلم اسلام آباد کان 50 منٽ جي سفر تي رهجي ويندو. ه?? چي?? ته للا کان جهلم ڊوئل ڪيرج وي ڪراچي، ڏکڻ پنجاب ?? وچ پنجاب کي ڪشمير تائين ڳنڍيندڙ ملڪ جو اهم رستو بڻجي ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت ۽ ڊيجيٽل دور جي ڏس ۾ جهلم پريس ڪلب ۾ ڊيجيٽل ليب ۽ ميڊيا هال ??لد مڪمل ڪيو ويندو. ه?? چي?? ته وزيراعظم جي صحت ڪارڊ پروگرام تحت جهلم جي صحافين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪيا ويا آهن جنهن سان اهي 10 لک رپين تائين پنهنجي علاج جي سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. ه?? چي?? ته وزيراعظم جي اپنا هائوسنگ اسڪيم تحت جهلم جي صحافين جي لاءِ آسان قرضن جي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي.