اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هيستائين ڪرپشن جو ڪو ڪيس سام??ون ناهي آيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي دو??ن ۾ هر ڏينهن ڪرپشن جو نئون اسڪينڊل سام??ون ايندو هو، (ن) ليگ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جي غلط تشريح ڪري رهي آهي، ان رپورٽ ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جي نشاندهي ناهي ٿي. مملڪتي وز??ر فرخ حبيب شاهد خاقان عباسي جي پر??س ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته شاهد خاقان عباسي جيڪڏهن ايترو سچو آهي ته شهباز شريف جي 16 ارب جي ڪرپشن بابت به ڪجهه ٻڌائي. (ن) ليگ ته پنهنجي دو?? ۾ جعلي سروي ۽ رپورٽون تيار ڪرائيندڙ پارٽي طور مشهور هئي. بلاول زرداري جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وز??ر فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي 13 سالن دو??ان لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام کي ڇا ڏنو آهي. اڄ بلاول ڪچيءَ آبادي ۾ وڃي واڳون وارا ڳوڙها وهائي رهيو آهي، اڳ ۾ ڪٿي هو. سنڌ جي عوام کي رڳو ٽينڪر مافيا ۽ ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.