اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) قومي ا??يمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي ووٽنگ دوران صورتحال انتهائي دلچسپ رهي، وزيراعظم عمران خان، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ٻيهر راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايوان ۾ اچڻو پيو. جمعي ڏينهن قومي ا??يمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع جي شق وار منظوري دوران جڏهن پهريون ڀيرو مخا??ف ڌر پاران زباني راءِ شماري کي چئلينج ڪيو وي?? ته اسپيڪر حڪومتي ۽ مخا??ف ڌر ميمبرن کي واري واري سان بيهاري حق ۽ مخالفت ۾ راءِ ورتي، حڪومت جي عددي اڪثريت 168 جڏهن ت?? مخا??ف ڌر جي 150 ميمبرن جي راءِ سامهون آئي تنهن هوندي به ٻين شقن ت?? ترميمن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر مخا??ف ڌر اسپيڪر جي راءِ شماري چئلينج ڪئي جنهن ت?? اسپيڪر رولنگ ڏني ۽ قومي ا??يمبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 29 جي تحت ايوان جي راءِ جي حوالي سان اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار چي?? ته اسپيڪر قاعدي 29 تحت رولنگ ڏني آهي هاڻي مخا??ف ڌر پاران ووٽنگ کي چئلينج ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، اسپيڪر زباني راءِ شماري ڪرائڻ جو اختيار رکي ٿو، مخا??ف ڌر پاران سيد نويد قمر، سردار اياز صادق، رانا تنوير حسين جڏهن ت?? حڪومت پاران بابر اعواڻ کانسواءِ وفاقي وزيرن، اسد عمر، پرويز خٽڪ به ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به اسپيڪر چي?? ته جيتوڻيڪ هو رولنگ ڏئي چڪو آهي پر مخا??ف ڌر جي مطالبي تي هڪ ڀيرو ٻيهر هو ميمبرن کي واري واري سان بيهاري ووٽنگ جو موقعو ڏيندو. اسپيڪر جڏهن ٻيو ڀيرو مخا??ف ڌر جي ترميمن ت?? حق ۽ مخالفت ۾ واري واري سان بيهاري ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪي?? ته وزيراعظم عمران خان، مخا??ف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي پنهنجي چيمبرز مان ٻيهر ايوان ۾ ٿيندڙ راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اچڻو پيو، ٻيو ڀيرو ٿيندڙ راءِ شماري ۾ به مخا??ف ڌر جا 146 ووٽن جي مقابلي ۾ حڪومت جا 163 ووٽ نڪتا، اهڙي طرح مخا??ف ڌر جون ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون ويون.