اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو، قائداعطم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته پاڪستان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي مڪمل تحفظ حاصل هوندو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ ??رس??س جي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??رس??س جي دلچسپ ۽ زبردست تاريخ آهي، هر نئين صدي ۾ ??رس??س ۾ نوان رنگ ڀرجندا ويا، ??رس??س کي سدائين خوشين جو ڏڻ تصور ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي مستقبل ۾ اقليتن جي ڪردار کي وڌيڪ ساراهيو ويندو، هن چيو ته اهڙي طرح جي تقريبن جو انعقاد ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته رياست ۾ سڀني اقليتن جا ماڻهو شامل آهن. اطلاعات واري وزير اطلاعات واري وزارت ۽ اي پي پي ۾ ??رس??س جي تقريب جي انعقاد کي ساراهيندي مسيحي برادري کي ??رس??س جي خوشين جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ??رس??س جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي ملازمن ۾ سوويئنرز به ورهايا، تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسين، انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جاويد، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب، مسيحي ملازمن ۽ سندن گهرڀاتين سميت ٻيا به موجود هئا.