اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 20 پرڏيهي وزيرن ۽ 10 نائب پرڏيهي وزيرن جي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪ??ئونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت پاڪستان جي وڏي ڪ??ميابي آهي، 437 وفد پاڪستان ۾ منعقد ان تاريخي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪ??ئونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي س??ن اهم بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته الله ت??اليٰ پاڪستان کي وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ سرخرو ڪيو ۽ ملڪ کي عزت ۽ ڪاميابي عطا فرمائي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان لاءِ ٽرسٽ فنڊ جي قيام ۾ ڪامياب ٿي وياسين ۽ افغانستان جي بئنڪنگ سسٽم جي بحالي بابت قرارداد آندي، اها تمام وڏي اڳڀرائي آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏجي ڪ??دار ادا ڪيو، پرڏيهي وزير پرڏيهي آفيس سان تعاون ڪندڙ سمورن ادارن ۽ انهن جي لاڳاپيل شخصيتن جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته مسئلو طالبان جو نه آهي، مسئلو 38 ملين افغان عوام جو آهي، افغان عوام بک ۽ ڏڪار کي منهن ڏئي رهي آهي، افغانستان کي دوائن، خوراڪ، جي فوري ضرورت آهي، پگهار ڏيڻ لاءِ پسئا هوندا ته اسڪولز به هلندا، ايترن ملڪن جي نمائندن جو پاڪستان اچن تمام وڏي اڳڀرائي آهي، پرڏيهي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، سينيٽ ۽ پاڪستاني فوج جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، پرڏيهي وزير جي عملي محنت ڪري ڪ??نفرنس کي ڪ??مياب بڻايو، پاڪستان ?? غير ملڪي ميڊيا جنهن ان غير معمولي ۽ تاريخي اجلاس کي رپورٽ ڪيو ان جو به ٿورائتو آهيان، دعا آهي ته الله ت??اليٰ پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ سدائين سرخرو رکي.