اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اج??اس ۾ اي وي ايم، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جي حق سميت ٻيا قانون منظور ٿيا. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته قانونسازي جو هي عمل ٻنهي ايوانن جي حڪومتي ميمبرن ۽ اتحادين پاران وزيراعظم جي قي??دت تي ڀرپور ا??تم??د جو اظهار آهي. هن چيو ته مخالف ڌر آر يا پار ڪندي خوار ٿي وئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بلاول زرداري گڏيل اج??اس ?? قانونسازي جي لاءِ 222 ميمبرن جو وٽ وجهڻ ضروري هجڻ جو ڪوڙ ڳالهائي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مملڪتي وزير چيو ته گڏيل اج??اس ?? قانونسازي جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 72 (4) تي پڙهي وٺو. هن چيو ته ان آرٽيڪل موجب گڏيل اج??اس جا سمورا فيصلا ايوان ۾ حاضر ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان ٿيندا.