اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان افغانستان جي فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ مع??شي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ مع??شي مدد تي زور ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽرائيڪا پلس جي خصوصي نمائندن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??مر??ن خان ٽرائيڪا پلس (چين، روس، آمريڪا ۽ پاڪستان) جي خصوصي نمائندن ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??مر??ن خان ٽرائيڪا پلس جي اهميت ت?? زور ڏيندي اسلام آباد ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ درپيش چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي بابت ڪامياب اجلاس منعقد ڪرڻ تي خصوصي نمائندن کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ??مر??ن خان پوري خطي جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي اهميت ت?? زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته هو مسلسل ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهي ته افغانستان جو ڪو فوجي حل نه آهي، اهڙي طرح پاڪستان سمورين ڌرين جي شموليت ت?? ٻڌل سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي، تبديل ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم شموليت، انساني حقن جي احترام ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي پرعزم قدمن تي زور ڏنو. وزيراعظم گڏيل خدشن کي م??هن ڏيڻ ۽ ٽرائيڪا پلس ملڪن جي گڏيل مفاد جي فروغ لاءِ افغانستان ۾ عالمي برادري جي عملي سوچ ۽ تعميري ڳالهين جي اهميت ت?? زور ڏنو. وزيراعظم فوري طور تي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ مع??شي تباهي ۽ انساني بحران جي چئلينجز کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي مع??شي مدد تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري صورتحال جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ۽ افغان عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي ۾ مدد جي لاءِ منجمند اثاثن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي. وزيراعظم ان ڏس ۾ ٽرائيڪا پلس جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو.