اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي ادارن ۾ سمنڊ پار پاڪس??ان??ن جي لاءِ سهولتڪار آفيسرن جي مقرري ۽ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري بيان مجب حڪومت سمنڊ پار پاڪس??ان??ن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻيو وڏو قدم کنيو آهي، وزيراعظم وفاقي ادارن ۾ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته 39 وفاقي ڊويزنز ۾ اوورسيز پاڪس??ان??ن جي لاءِ سهولتڪار آفيسر مقرر ڪيا وڃن، وزيراعظم 13 وزارتن جي 34 ذيلي ادارن ۾ خصوصي سيڪشن ۽ ڊيڪس قائم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم جي هداي تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل وزارتن کي ان سلسلي ۾ هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آ??يس پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سهولتڪار آفيسر گريڊ 19 کان گهٽ جا نه هوندا ۽ وزارتون سهولتڪار آفيسرن جي مقرري کي نوٽيفائي ڪنديون. خط ۾ هدايت ڪئ?? وئي آهي ته مخصوص سيڪشن ۽ ڊيسڪ قائم ڪرڻ جو پڻ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي ۽ وفاقي ادارا سهولت جي فراهمي بابت آگاهي جي لاءِ پرڏيهي وزارت، سمنڊ پار پاڪس??ان??ن واري وزارت ?? اطلاعات واري وزارت کي معلومات فراهم ڪن، ان قدم جو مقصد سمنڊ پار پاڪس??ان??ن کي آفيسن ۾ درپيش مسئلن جو ازالو ڪرڻ آهي. وزيراعظم آ??يس هدايت ڪئ?? ته سموريون ڊويزنز 13 ڏينهن ۾ ڪارروائي مڪمل ڪري رپورٽ ڏين، ان قدم سان سمنڊ پار پاڪس??ان??ن جي لاءِ خدمتن جي فراهمي ۽ ٻين معاملن بابت آگاهي ۾ مدد ملندي. پرڏيهي وزارت، اوورسيز پاڪس??ان??ن واري وزارت ?? اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پنهنجي طور تي به سهولت جي آگاهي ڏينديون.