لاهور – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي مشڪلاتن کان پوري طرح آگاهه آه??، ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آه??، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افصل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به موجود هئا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ ترقياتي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي اسڪيمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي مهانگائي تي ضابطو آڻن ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان ??يو ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي تڪليف کان پوري طرح آگاهه آه?? ۽ پائيدار قدم کڻي ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آه??.
مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آه??، منافعي خورن ۽ ذخيرو اندوزن جي خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون جاري رهندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنجاب ۾ جاري سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪ?? ته جيئن عوام جي سهولت ٿئي. وزيراعظم ??يو ته عوام جي فائدي لاءِ سمورن عوامي ڀلائي جي منصوبن جي بهترين معيار کي يقيني بڻايو ويندو. قانون سڀني جي لاءِ برابر آه??، قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آه??.