اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان زراعت جي شعبي ۾ تاريخي و??ڌ ۽ برآمدي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو آه??. وزيراعظم سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي و??ير سيد فخر امام ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي ڪپه??، ڪڻڪ، چانورن، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار جي حوالي سان هن وقت تائين جي حوصلا افزا رجحانن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 30 سيپٽمبر 2021ع تائين پاڪستان ڪپهه ۾ 38.5 ڳٺڙين جي پيداوار حاصل ڪئي آه??، جڏهن ته گذريل سال انهي مدي دوران 27 ملين ڳٺڙيون حاصل ٿيون، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسان ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ گذريل سال جي پيداواري انگ اکر ترتيبوار 27.5 ملين ٽن، 8.4 ملين ٽن، 81 ملين ٽن ۽ 8.4 ملين ٽن کان باآساني وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي راهه تي گامزن آه??ون. وزيراعظم خوراڪ واري و??ارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جيڪا انب ۽ کٽن ميوون (سٽرس فروٽ) جي برآمدات ۾ رڪارڊ برآمدي هدف ترتيبوار 150000 ٽن، 463000 ٽن حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آه??، وزيراعظم زراعت جي شعبي ۾ تاريخي و??ڌ ۽ برآمدي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو.