اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڪرغزستان ۾ مقرر پاڪستاني س??ير سردار ا??هر طارق خان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي، سردار ا??هر طارق گذريل ٻن سالن دوران کنيل سفارتي قدمن?? رابطن جي فروغ ل??ءِ ڪيل ڪوششن ۽ سفارتخاني جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پرڏيهي وزير کي مفيد بريفنگ ڏني.
پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، جڏهن ته پاڪستاني شاگردن جو وڏو تعداد ڪرغزستان ۾ تعليم پرائي رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي اسان جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پرڏيهي وزير اقتصادي س??ارتڪاري کي استعمال ۾ آڻيندي پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو،
ڪرغزستان ۾ مقرر پاڪستاني س??ير سردار ا??هر طارق خصوصي هدايتن تي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندا پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام ل??ءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.