اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت قائم ??رڻ جي لاءِ هن طالبان سان ڳا??هيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا ر??و افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي. هن اها ڳا??هه ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آهي. وزيراعظم چيو ته دوشنبي ۾ افغانستان جي پاڙ??سر?? ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ڊگهي ڳا??هه ٻولهه کانپوءِ هن هڪ شموليتي حڪومت جي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شموليت جي لاءِ طالبان سان ڳا??هين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کانپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ۾) شموليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ضامن هوندي جيڪا ر??و افغانستان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي.