اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته نئين پاڻي ذخيرن جي تعمير ملڪي توانائي جي ض??ورتن کي پورو ڪرڻ ۽ سستي بجلي جي فراهمي پڻ يقيني بڻائيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين سان ملاقات دوران ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ واپڊا چيئرمين وزير??عظ?? کي ڊيڪيڊ آف ڊيمز (ڊيمن جو ڏهاڪو) تحت پاڪستان ۾ جاري وڏن ڊيمن جي تعمير تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزير??عظ?? ڊيمن جي تعمير ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدا??ت ڪئي ته تعميراتي ڪم کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته پاني جي ض??ورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ نئين ڊيمز جي تعمير وقت جي اهم ضرورت آهي، نئين ڊيمز جي تعمير پاڻي سان گڏوگڏ ملڪي توانائي جي ض??ورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سستي بجلي جي فراهمي پن يقيني بڻائيندي.