اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو آهي ته الحمد الله! اڄ پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿي چڪا آهن، وزيراعظم عمران خان جي ??يادت ۾ مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست جي ??يام طرف گامزن آهيون، پهريون ڀيرو ملڪ گير سطح تي بي سهارا ۽ پيڙهيل طبقن لاءِ پناهه گاهون ۽ لنگر خانا قائم ڪيا ويا آهن، ماحولياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اسان جي ??ڻڪاري مهم ۽ قدمن جو اعتراف دنيا ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان جي ڏور رس پاليسين ۽ دانشمنداڻي فيصلن سان ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي شاهراهه تي گامزن آهي،
ٽن سالن جي اڻٿڪ محنت، ڏينهن رات ڪم جا ثمر عوام تائين پهچي رهيا آهن، پي ٽي آءِ ڪنهن به مرحلي ۾ مخالف ڌر ۽ پي ڊي ايم جي احتجاج، ڌرڻن، استعيفائن ۽ ڌمڪين کان نه گهٻرايو، ڪووڊ – 19 اچڻ کان وٺي اڄ تائين حڪومت جي ڪامياب حڪمت عملي سان پاڪستان ۾ ان وبا سان دنيا جي ڀيٽ ۾ گهٽ جاني نقصان ٿيو، ان وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اين سي او سي جي ??ليٽ فارم تان مسلسل 500 ڏينهن صوبائي حڪومتن جي جامع رابطن، مثالي تعاون جي ڪري ڪاميابيون حاصل ٿيون، اسان کي حڪومت ملي ته ملڪ معاشي طور تي ڊيفالٽ جي چائنٺ تي هو، عمران خان جي ??عاشي ٽيم جي ??حنت سان هر سال جي ڊي پي ۾ بهتري آندي، گذريل مالي سا?? ۾ ??ي ڊي پي 4 سيڪڙو هئي.
پي ٽي آءِ حڪومت جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته لارجر اسڪيل مينوفيڪچرنگ 14.3 سيڪڙو گروٿ ڏيکاري، جنهن سان مجموعي طور تي واڌ جي شرح ۾ اضافي ۾ مدد ملي، اڄ ملڪي روانگي واپار 25.3 ارب ڊالر آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو 3 سالن جي بلند ترين سطح تي بيٺل آهي، خدمتن جي شعبي ۾ آءِ ٽي دنيا ۾ ايترو بهتر مقام بڻايو، پهريون ڀيرو آءِ ٽي برآمدات 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ ٿي، مٽاسٽا جو ناڻو 29.4 ارب ڊالر کان ٽپي ويو، هن ??يو ته اسٽيٽ بئنڪ جي ??رڏيهي ناڻي جا ذخيرا جيڪي 19 -2018ع ۾ 7 ارب ڊالر تي هئا هاڻي 17 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي 4 سالن جي بلند ترين سطح آهي. هن ??يو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 13 هزار نوجوانن ۾ 15 ارب روپين کان وڌيڪ جي رقم ورهائي وئي، پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويو. مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت انهن ٽن سالن دوران اهڙن پروگرامن ۽ منصوبن جو آغاز ڪيو جيڪي 71 سالن جي تاريخ ۾ ممڪن نه ٿي سگهيا هئا،
هن ??يو ته 1000 ارب روپين جي سيڙپڪاري جا ڪمرشل ۽ رهائشي منصوبا منظور ٿي چڪا آهن، گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 145 ارب روپين جون درخواستون مليون آهن، 45 ارب روپين جا قرض منظور ٿي چڪا آهن، عمران خان هن وقت پاڪستان ۾ واحد اڳواڻ آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ لانگ ٽرم منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، لاڳاپيل 120 صنعتن ۾ 4100 ارب جون معاشي سرگرميون ٿينديون ۽ مجموعي طور تي 7 لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، هن وقت تائين 20 هزار گهٽ آمدني وارا هائوسنگ يونٽس مڪمل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي 70 هزار گهرن جي ??راجيڪٽس کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو آهي، هن ??يو ته صحت انصاف ڪارڊ اسان جي حڪومت جو فليگ شپ منصوبو آهي، خيبرپختونخوا جي ??وري آبادي کي صحت انصاف ڪارڊ فراهم ڪيو ويو آهي،
هن سال پنجاب جي ??وري آبادي کي صحت هيلٿ ڪارڊ ڪوريج ملي ويندي. مملڪتي وزير فرخ حبيب ??يو ته احساس پروگرام جي ذريعي پِيڙهيل طبقن جي خدمتن ڪري رهيا آهيون. احساس پروگرام کي وڌائي 260 ارب ڪيو ويو آهي، هن ??يو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جو 11 مهينن جي ??وري مدي ۾ 2 ارب ڊالر کان ٽپڻ اوورسيز پاڪستانين جي عمران خان جي ??اليسين تي اعتماد جو اظهار آهي. هن ??يو ته دي??مر??اشا ڊيم، داسو هائيڊرو پاور، مهمند ڊيم، هريپور پاور پراجيڪٽ، ڪچي ڪينال، سنڌ بيراج، ڪي فور واٽر سپلائي پراجيڪٽ، ڪُرم تنگي ڊيم، ۽ نئين گاج ڊيم پراجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، پاڻي جي ذخيرن جا اهي 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوت پاڻي ذخيرا هوندا، انهن منصوبن مان سستي پن بجلي جي ??يداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ نوڪريون جا موقعا ميسر ايندا. 70 سالن ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ ۽ زمين کي آباد ڪرڻ جا جيترا منصوبا لڳايا ويا، ايترو انهن 10 آبي ذخيرن جي ??نصوبن تي تڪميل سان ممڪن ٿي سگهندو.