پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير به وزيراعظم سان گڏ هئا. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ڪورهيڊڪوارٽرز آمد تي وزيراعظم يادگارشهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهي، ان موقعي تي کيس سيڪيورٽ?? جي موجوده صورتحال، ج??ري استحڪام جي ڪاررواين، پاڪ افغان بارڊر تي خاردار تار لڳائڻ ۽ نون ضم ٿيل ضلعن ۾ جاري سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي منصوبن جي باري ۾ تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي پاڪ افغان بين الاقوامي سرحد تي سيڪيورٽ?? جي بدلجندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل منصوبابندي کان به آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم پاڪستان جي جامع بارڊر مينيجمينٽ رجيم جي افاديت ۽ موثر سرحدي ڪنٽرول ۽ ??اخ??ي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل عملي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خيبرپختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترق?? جي منصوبن ج?? تڪميل لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئ?? جيڪا علائق?? جي پائيدار استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ اهم آهي، وزيراعظم ڪ??رو??ا، ماڪڙ، پوليو جي خاتم?? جي مهم ۽ وڻڪار?? جي دوران سول انتظاميه جي مدد تي به فارميشن جي ڪردار کي ساراهيو.