اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي معاشي ۽ سائنسي ترقي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي لاءِ فعال قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ترقياتي پاليسين جو فوڪس ترقياتي منصوبن سان انساني وسيلن جي فڪري ترقي طرف وڃي ر??يو آهي، ??اڪستان کي انساني وسيلن جي سائنسي ۽ فڪري ترقي جي لاءِ جديد حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ ايمرجنگ سائنسز (اين ??و سي اي ايس) بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري ر??يو هو. ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف ڪمپيوٽر اينڊ ايمرجنگ سائنسز ڊاڪٽر ايوب علي صدر کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ اين ??و سي اي ايس جو چانسلر وسيم سجاد، سيڪريٽري جنرل فائونڊيشن براءِ ايڊوانسمنٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي غلام شبير، ميمبر بورڊ آف ??رس??ي ڊاڪٽر يو اي جي عيساڻي ۽ بورڊ آف گورنر جو ميمبر ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند، جسٽس (ر) ميانم حمد اجمل، احمد فاروق ۽ قيصر احمد شيخ شرڪت ڪئي، اين ??و سي اي ايس جي ر??ڪٽر ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارنامن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته اين ??و سي اي ايس ملڪ جي ڪمپيوٽر سافٽ ويئر انڊسٽري کي انساني وسيلا فراهم ڪندڙ سڀ کان وڏو ادارو آهي ۽ هن وقت يونيورسٽي جا پنج ڪيپمس ۾ 13000 شاگرد مختلف پروگرامن ۾ تعليم پرائي ر??يا آهن، هن چيو ته سال 2000ع کان وٺي هيستائين 24000 شاگرد ڪمپيوٽرر سائنس، انجنيئرنگ، مين??جم??نٽ ۽ هيومينٽيز جهڙن مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي، ريڪٽر اهو به ٻڌايو ته ادارو ضروتمند ۽ هوشيار شاگردن کي هر سال 240 ملين روپين جي مالي امداد ۽ وظيفا فراهم ڪندو آهي، ??ن وقت 1500 شاگرد يونيورسٽي جي فراهم ڪيل مالي امداد مان فائدو کڻي ر??يا آهن، ان موقعي تي صدر تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ نجي شعبي سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ اڪيڊميه ۽ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطا ضروري آهن. هن هائبرڊ ۽ آن لائن تعليم جي فراهيم تي خصوصي ڌيان سان گڏ شاگردن جو تعداد وڌائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، صدر يونيورسٽي انتظاميه تي زور ڏنو ته چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي شاگردن کي تيار ڪيو وڃي ۽ تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي.