اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انشاءُ ا??له ايندڙ سال ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو ٿي ويندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بل گيٽس سان سندس ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ پ??ڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ سندس فائونڊيشن جي مدد تي ان جو ٿورو ادا ڪيو آهي، هن چيو ته گ??ريل سال ملڪ ۾ پوليو جا 56 ڪيسز سامهون آيا هئا جڏهن ته هن سال هن وقت تائين پوليو جو صرف هڪ ڪيس سامهون آيو آهي، انشاءُ ا??له ايندڙ سال اسان پوليو جو مڪمل خاتمو ڪري ڇڏينداسين.