اسلام آباد – 17 جون (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته جرمني سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل جمهوري قدرن ۽ گهڻ رخي تع??ون تي ٻڌل آهن، پاڪستان خطي جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ميڊيا کي آزادي حاصل آهي، جرمني جي ف??م ساز ۽ ڊرامه پروڊيوسرز پاڪستان اچن ۽ ڪئميرا جي اک سان هماليه سلسلي جي خوبصورتي دريافت ڪن. اها ڳا??هه هن جرمني جي سفير برن هارڊ اسٽيفن شليگ هيڪ سان ڳا??هائيندي چئي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. هن فلم ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ تع??ون کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جرمني جي ف??م ۽ ڊرامه پروڊيوسرسز ايسوسيئيشنز سان زوم ميٽنگ جي انعقاد جي تجويز ڏني، هن چيو ته پاڪستان ان پهرين ايشيائي ملڪن ۾ شامل آهي جنهن جرمني سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، هن چيو ته علامه اقبال جا جرمني سان لاڳاپا ۽ هيڊلبرگ جي باري ۾ سندس شاعري کي اجاگر ڪرڻ بابت وڊيو فلم جي حوالي سان پرڏيهي وزارت جي تجويز جوائنٽ پروڊڪشن ۽ دستاويزي ف??من جي شعبن ۾ تع??ون کي سگهه بخشيندي.