اسلام آب??د ?? 06 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عر?? امارات ج?? هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ موجوده ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هنن ڪوويڊ 19 ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي ايشوز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وز??را??ظم عمران خان ۽ شيخ محمد بن زيد النهيان ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ ويجهي طور تي ڪم ڪرڻ ۽ گهڻ رخي ادارن ۾ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.