اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ??ما?? خان، سامو??ڊي معاملن وارو وفاقي وزير علي حي??ر زيدي ۽ وزيراعظم جو سمنڊ پار پاڪستانين وارو خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري پڻ موجود هو. مچ سانحي جي شهيدن جي پونئيرن وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي شهيد ٿيندڙ گهرڀاتين بابت کيس ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هو هزاره برادري جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪندو.