اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف کي تمام گهڻي پذيرائي ڏني آهي، مخالف ڌر جي تقريرن ۽ بيانن سان لڳي ٿو ته اهي پن??نجي شڪست کي ڌانڌلي ج?? نالو ڏيندا، اهي اقتدار جي حوس ۾ مبتلا آهن، انهن جي سو?? جمهوري نه آهي، جمهوريت جو لباس پائي مسلم ليگ (ن) چونڊيل حڪومت جي خاتمي لاءِ غيرآئيني طريقو اختيار ڪري رهي آهي، ڪورونا جي باوجود معاشي صورتحال بهتري طرف گامزن آهي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم جاري آهن، سياسي مخالفن بابت اڻوڻندڙ زبان جو استعمال مسلم ليگ (ن) جو شيوو آهي، اهي ماڻهو ??قتدار کي عوام جي ڀلائي جي لاءِ نه پن??نجي ڪرپشن بچائڻ ۽ دولت وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.