حسن ابدال – 06 نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن کي ٻاهران قرض نه گهرڻا پون، معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ايم ايل و?? جي صورت ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو چين وڏي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، پاڪستان سياحت جي حوالي سان وڏو مرڪز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار حسن ابدال ۾ ريلوي اسٽيش?? جي اپ گريڊيش?? جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيرا??ظم چيو ته نئين پاڪستان ۾ ريلوي جي وڏي اهميت آهي ڇو ته ريل جي ذريعي عام م??ڻهو سستو ۽ آرامده سفر ڪندو آهي. سڄي دنيا ۾ ريل جو سفر بهترين ذريعو آهي، وزيرا??ظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انگريز?? جي ڏنل ريلوي نظام کي ترقي نه ڏني وئي، ان کي توسيع ڏيڻ بدران ان ۾ 50 ڪلوميٽر جي گهٽتائي ٿي، هن چيو ته چين دنيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي ۽ چين پنهنجي ملڪ ۾ دنيا جو تيز ترين ريلوي جو نظام وڇايو آهي، چي?? جي مدد سان ملڪ ۾ پهرين ڀيرو وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ايم ايل ون 9 ارب ڊالر جو منصوبو آهي.