اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا طالبان ۽ افغان حڪومت جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ اهم ڪردار ??دا ڪيو، خطي جو مستقبل امن، تعاون ۽ واپار سان لاڳاپيل آهي، پاڪستان جي حڪومت فوج ۽ انٽيلي جنس ??دا??ا افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي ۽ امن لاءِ ڪوششون ڪ??ي رهيا آ??ن، ڀارت سان دوستي جي ڪوشش ڪئي پر ڀارت نظرياتي طور تي اسان جي خلاف آهي ان لاءِ اسان جون ڪوششون نتيجن وار??ون نه ٿي سگهيون، افغان عوام جيڪا به حڪومت چونڊي پاڪستان ان سان گڏ لاڳاپا مضبوط ڪندو، اسان کي ماضي مان سبق سکي مستقبل طرف وڌڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن جي پاڪستان افغان واپار ۽ سيڙپڪاري فورم 2020ع جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.