پنڊداد خان – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سال 2019ع ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، 2020ع ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو، وزيراعظم بڻجڻ کا??پوءِ پهرين ڏينهن قوم کي چيو هو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، تبديلي ۽ سڌارن جي رستي ۾ سڀ کا?? وڏي رڪاوٽ اهڙيون مافيائون آهن جنهن جو مفاد پراڻي ۽ ڪرپٽ نظام سان لاڳاپيل آهي ۽ اه?? ئي وڌيڪ گوڙ ڪندا آهن، اسان جي ڪنهن س??ن ذاتي دشمني نه آهي، اسان ملڪ کي بهتر ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ڪرپٽ مافياز کي شڪست ڏيڻي آهي، مودي جي والاريل ڪشمير ۽ هندوستان ۾ مسلمانن تي ظلمن جي خلاف اندر مان ماڻهو اٿي بيٺا آهن، عالمي ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت طرفان امڪاني واردات کا?? پهرين ئي دنيا کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پا??ست??ن جي هٿياربند فوج هر طرح جي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن 117 ڪلوميٽر ??گه?? جلال پور ايريگيشن ڪينال جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.