اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي چيو آهي ته ڀارت 5 آ??سٽ کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غير قانوني گهيراءُ ڪري ڪشميري عوام جا انساني حق پائمال ڪري رهيو آهي، ڀارت جي ان قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني الميو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، خوراڪ ۽ زندگي بچائيندڙ ??وائن جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته مواصلاتي رابطا به ڪٽيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسيان جي پارليامينٽ ميمبرن جي 18 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملائيشيا جي مشاورتي ڪائونسل آف اسلامڪ آرگنائيزيشن (ايم اي پي آءِ ايم) جي صدر حاجي محمد اعظميٰ حامد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.