اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن جي ??هر??تن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ وار?? معاهدي تحت ٿي. 31 ڊسمبر 1988ع تي ٿي??دڙ معاهدي موجب ٻئي ملڪ هر ڪيلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهي مناسبت سان پاڪستان ۾ ائٽمي ٺڪاڻن جي ??هر??ت باضابطا طور تي پرڏيهي وزارت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن جي ??هر??ت نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪري ڇڏي. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 27 جنوري 1991ع تي ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪرڻ وار?? معاهدي تي عملدرآمد کانپوءِ ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان ??هر??تن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.