اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ”اُڏار پاڪ??تا??“ کي قومي ترقي جو هڪ ٺوس ۽ متوازن پروگرام قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مقرر ڪيل هدف پورا ٿيندا، پاڪ??تا?? بي پناهه وسيلن سان مالامال باصلاحيت ملڪ آهي، متحد ٿي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪ??تا?? عالمي معيشتن جي صف ۾ بيهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اقتصادي پلان ”اُڏار پاڪ??تا??“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ??و خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٿري ايز جو پروگرام ڏنو ۽ ملڪ کي اونداهين مان ڪڍيو، 2022ع ۾ شهباز شريف جي قيادت ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ هاڻي قومي اقتصادي پلان ”اُڏار پاڪ??تا??“ تي پڻ وزيراعظم جي قيادت ۾ ڪاميابيون ملنديون ۽ ملڪ عالمي معيشتن جي صف ۾ بيهندو. هن چيو ته هڪ ٺوس ۽ متوازن ايڪشن پلان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ان کانپوءِ تفصيلي وضاحت سان منصوبابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پيش ڪيو آهي. هن چيو ته ”اُڏار پاڪ??تا??“ 5 سالن واري قومي اقتصادي پلان تي عملدرآمد جو منصوبو آهي جنهن کي صوبن ۽ وفاقي حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سربراهي ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ منظور ڪيو آهي. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار 18 – 2013ع ۽ 22 – 2018ع جي دورن جو ذڪر ڪندي چيو ته 2013ع ۾ جنهن ملڪ کي عالمي سطح تي ميڪرو اڪنامڪ بنياد تي غيرمستحڪم ڪيو پئي ويو ۽ اها اڳڪٿي هئي ته پاڪ??تا?? 6 کان 7 مهينن ۾ ڪنگال ٿي ويندو پر اهي اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون ۽ پنهنجي صلاحيتن سان ملڪ اڳتي وڌيو. هن چيو ته اڄ ٻيهر مسلم ليگ (ن) کي عوام موقعو ڏنو آهي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اسان فائيو ايز پروگرام پيش ڪري رهيا آهي??ن، ماضي ۾ پاڪ??تا?? مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ٿري ايز انرجي بحران، اڪانومي بدحالي ۽ ايڪسٽريم ازم جهڙن بحرانن کي منهن ڏنو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ ڪاميابي سان سرخرُو ٿياسين، ان وقت به اڳڪٿي هئي ته 10 کان 12 سال پاڪ??تا?? ان صورتحال مان نه نڪرندو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪ??تا?? ٽنهي ايز جا هدف مڪمل ڪيا ۽ عوام کي ڊيليور ڪيو. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته معيشت جا سمورا اشارا سرپلس تي آهن، اڄ اسان 6 سيڪڙو جو ٻيهر هدف وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مقرر ڪري رهيا آهي??ن، پاڪ??تا?? جي ناڻي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو تي، فوڊ انفليشن 2 سيڪڙو ۽ دنيا جي پنجين بهترين ۽ ڏکڻ ايشيا جي بهترين اسٽاڪ مارڪيٽ آهي، فارن ايڪسچينج جا ذخيرا بلند سطح تي آهن ۽ ملڪ مستحڪم معيشت سان اڳتي وڌي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته 2017ع جي واڌاري جو تسلسل برقرار نه رکيو ويو جنهن ۾ اسان کي 2030ع ۾ جي 20 ڪلب ۾ شامل ٿيڻو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان ايندڙ 4 سالن ۾ اسان جي معيشت 47هين گلوبل معيش?? بڻجي وئي ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت جڏهن ??ميواري سنڀالي ته ان وقت سڀ کان وڏو معاشي بحران درپيش هو ۽ چيو پئي ويو ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي ويندو پر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پي ڊي ايم حڪومت ان چئلينج جو مقابلو ڪيو ۽ ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو. هن چيو ته پاڪ??تا?? وٽ وسيلن جي کوٽ نه آهي پر سياسي استحڪام جي ذريعي معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪ??تا?? کي جيڪڏهن ??ڳتي وٺي وڃڻو آهي ته اسان کي سياسي استحڪام آڻڻو پوندو. هن چيو ته منهنجو ايمان آهي ته پاڪ??تا?? اهي هدف به حاصل ڪندو جيڪي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 17 – 2013ع ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪيو، جيڪڏهن ??سلسل برقرار رکيو وڃي ها ته آءِ ايم ايف جي خيرباد چئي چڪا هجون ها. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جيڪو هي سفر شروع ٿيو آهي اهو مڪمل ٿيندو ۽ پاڪ??تا?? کي تمام جلد اسان انهن قومن جي صف ۾ ڏسنداسين جتي ان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته ”اُڏار پاڪ??تا??“ جو 5 سالن جو قومي اقتصادي پلان حاصل ڪنداسين.