واشنگٽن -23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان آمريڪي ناڻي واري وزارت جي عالمي ماليات واري اسسٽنٽ سيڪريٽري برينٽ نائمن ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل ان ملاقات دوران ناڻي واري وزير برينٽ نائمن کي ٽيڪس جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي قدمن ۽ صوبائي زرعي انڪم ٽيڪس (اي آئي ٽي ) جي نظام کي وفاقي ۽ ڪارپوريٽ آمدني جي ٽيڪس جي شرح سان هم آهنگ ڪرڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. هن سبسڊيز ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ڪمپنين (ايس او ايز) نئين سر جوڙجڪ ۽ (ڪلائميٽ پبلڪ انويسٽمينٽ اينڊ پي آئي ايم اي اڪائوئنٽبلٽي) منصوبي تي اٿرائتي نموني سان عمل ڪرڻ تي پڻ ??ريفنگ ڏني. هن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لا??ِ قدمن تي پڻ ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته انهن سمورن سڌارن جو مقصد پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي وڌائڻ ??هي. موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لا??ِ قدم کڻڻ پڻ ??ن حڪمت عملي جو حصو ??هي. ناڻي واري وزير پاڪستان لا??ِ آئي ايم ايف جي ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسلٽي ۾ آمريڪي حمايت جو پڻ ??ڪريه ادا ڪيو.