اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري سرجن ۽ ايس آءِ يو ٽي جي يورالوجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين سرجن ڊاڪٽر مرلي ڌر چڪن ??ون??ا جي وڌندڙ مرض کي هاڃيڪار قرار ڏي??دي چيو آهي ته اهو مرض مڇرن جي چڪ وسيلي پکڙجي ٿو ۽ ان سان ڪيترائي ماڻهوءَ سنڌن جي دائمي سُور ۾ وٺجي وڃن ٿا. اي پي پي سان ڳالهائيندي ناليواري سرجن ڊاڪٽر مرلي ڌر چيو ته چڪن ??ون??ا جو بخار وائرس جي ڪري ٿئي ٿو ۽ اهو وائرس مڇر جي چڪ سان جسم ۾ پهچي ٿو، چڪ جي ٽن کان ستن ڏي??ھن تائين بخار، بدن ۾ سُور، سنڌن ۾ سور ۽ گوڏن ۽ چيلھ ۾ سور ٿئي ٿو پر ڪجھ ماڻھن کي مھيني تائين بُخار هلندو آهي ۽ هِن بُخار ۾ سنڌن جي سور جي ڪري ڪجھ ماڻهن جا گوڏا بيھجي وڃن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهن کي گوڏن جو سُور دائمي رهجي وڃي ٿو. هِن چيو ته چڪن ??ون??ا جي بُخار لاءِ پيراسيٽامول گوري س??ن گڏ پاڻي جو واھپو وڌايو ??ڃي?? بُخار وڌي وڃي ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ??ڃي?? ڊاڪٽر مُرلي چيو ته اهو هڪ وائرل بخار آھي ۽ ان ۾ اينٽي بائٽڪ جي ضرورت نه پوندي آهي، چڪن ??ون??ا کان بچاءُ جي حوالي سان ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته ماڻهن کي مڇرن کان بچڻ گهُرجي ڇو جو هِن وقت هر مرض مڇرن جي وسيلي پکڙي رهيو آهي، ماڻهن کيي صفائي جو خيال رکڻو پوندو، پاڻي جا ٿانءُ ڍڪي رکيا وڃن، ڪپڙا پورا پائڻ گهُرجن ۽ مڇرن کان بچڻ لاءِ اسپري ڪيو وڃي ۽ مهاري جو استعمال ڪيو وڃي.