اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان ۽ منگوليا کي واپار، سيڙپڪاري، عوام سان عوام ۽ مواصلاتي رابطن کي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون ??ون نيون ??اهون ڳولڻ گهرجن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون ??نظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل منگول??ا جي وزيراعظم اويون ??ردين لويسناهي ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف منگول??ا جي وزيراعظم جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ چيو ته سندس دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل احترام، خيرسگالي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جي شروعات آه??. هن منگول??ا جو ٻيهر وزيراعظم چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تجويز پيش ڪئي ته ٻنهي ملڪن کي واپار، سيڙپڪاري، عوامي ۽ مواصلاتي رابطن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ گڏيل طور تي لاڀائتي تعاون ??ون نيون ??اهون ڳولڻ جي ضرورت آه??. وزيراعظم محمد شهباز شريف منگول??ا جي سول سرونٽس کي پاڪستان جي تربيتي ادارن ۾ تربيت جي آڇ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ 2025ع کي پاڪستان منگوليا دوستي جو سال قرار ڏيڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي. منگول??ا جي وزيراعظم شنگهائي تعاون ??نظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني ۽ ايس سي او، سي ايڇ جي چيئر جي طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل ڪوششن ۽ تعاون ??ي ذريعي مضبوط ۽ ويجها ٻطرفا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار، سياحت، زراعت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي ڪميشن ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي س??هه ڏيڻ جي لاءِ عالمي پارلياماني يونين قائم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ملاقات جي موقعي تي منگول??ا جي وزيراعظم اويون ??ردين لويسناهي وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ هنيو.