اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) منگوليا جو وزيراعظم اويون اردين لويسنا مسريي شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي 23هين اجلاس جي ۾ شرڪت جي ??اءِ پاڪستان پهچي ويو. ايئرپورٽ اچڻ تي ناڻي واري مملڪتي وزير پرويز ملڪ معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي روايتي لباس پهريل ٻارڙن معزز مهمان کي گلدستو پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي ??چ ۾ خيرسگالي جي جملن جو اظهار پڻ ڪيو ويو.
واضح رهي ته شريڪ ملڪن جا نمائندا ۾ اڳ ۾ ئي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهه ا??لاس ۾ شرڪت جي ??اءِ پهچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪانفرنس ۾ شرڪت جي ??اءِ ??يندڙ معززين جي استقبال لاءِ ??ڄي شهر کي رنگ برنگي روشنين ۽ گلن ۽ ايس سي او جي ??يمبر ملڪن جي جهنڊن سان سجايو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او سربراهه ا??لاس جي صدارت ڪندو.