نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، پاڪستان ڪويت سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح ??الد الحامد الصباح ??ان ملاقات ۾ چئي. وزيراعظم ??نهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻي لاڳاپن ??ي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ عزم جو ور??اءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن مختلف شعبن جنهن ۾ سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون ۽ عوامي ۽ سماجي مٽاسٽا وڌائڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي تحت ڪويت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ عملدرآمد جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تعاون وڌائڻ جو ور??اءُ ڪيو.